اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ڪراچي کان لاهور آر ايل اين جي III جي روزاني 1.2 ارب ڪيوبڪ فوٽ گنجائش جي پائيپ لائين منصوبي جي فنا??نگ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪو ايس ايس جي سي ايل ۽ ايس اين جي پي ايل جي طرفان شروع ٿيندو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس هتي وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو. اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽروليم ڊويزن کي هدايت ??ئي ته منصوبي لاءِ سرڪاري/نجي حصيداري جي امڪانن جو به جائزو وٺي، ايس ايس جي سي ايل ک?? آرم I-X کان 10 ملين مڪ??ب فوٽ روزاني ۽ آرم ويسٽ I-X کان 18 ملين مڪ??ب فوٽ روزانو مختص ڪرڻ ??ي تجويز جي به منظوري ڏني.