اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب ??فيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب ??کر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم ??لل?? ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي فراهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي فرار ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب ??دالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب ??کر ۾ نيب ??ي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم ??لل?? کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم ??لل?? گرفتاري جي وارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم ??لل?? اها معلومات پنهنجي دوست نيب ??ي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يعقوب راڄپر کي ڏني، يعقوب راڄپر معلومات رفيق راڄپر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهيم ??لل?? جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهيم ??لل?? جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار ??کي??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم ??لل?? کان ٿيندي رفيق راڄپر ??ائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فرار ٿيو، فهيم ??لل??، يعقوب راڄپر ۽ رفيق راڄپر ??ي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چيو ته فهيم ??لل?? ۽ يعقوب راڄپر ??ي ٽيليفون جي فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فهيم ??لل?? جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب ??کر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.