ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ ا??ن س??ن ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انس??ني?? جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن س??ن جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين س??لگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ ا??هن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.