اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ڪرسمس جي موق??ي تي مسيحي برادري سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪيڪ ڪٽيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب تقريب جو خاص مهمان وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري هو، جنهن سيڪريٽريٽ جي اعليٰ آفيسرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو.