اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رعايتي اگهن تي ضرورت جون شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئ??يج باقاعده جاري ڪري ڇڏيو، رليف پئ??يج تحت سڄي ملڪ ۾ قائم 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي رليف پئ??يج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه حڪومت جلد غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪا??ڊ اسڪيم جو پڻ اعلان ڪندي جنهن تحت اهي يوٽيلٽي اسٽورز تان ماهوار 3 هزار رپين جون بنيادي ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندا.