اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس ??رو??رام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ ب??رڊ جي ٻن ميمبرن ۽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستان جي ب??رڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي قدمن جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، پاڪستان ڪرونا وائرس فري ملڪ آهي، ملڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، وزير??عظ?? عمران خان احساس ??رو??رام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.