رياض – 19 جولاءِ (اي پي پي)خادم الحرمين الشريفين شا??ه سلمان بن عبدالعزيز آ?? سعود 200 سعودي شهرين کي جسماني عضوا عطيو ڪرڻ تي ٽئين درجي جو شاهه عبدالعزيز ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري جو حڪم ڏنو آهي. ايس پي اي مطابق شاهي ايوان مان ڄاڻاي?? سعودي مردن ۽ عورتن جي نالن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جن پن??نج?? زندگي ۾ ڪ??هن قسم جو جسماني عضوو عطيو ڪيو. ان کان علاوه ا??هن شهرين کي پڻ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جن وفات کانپوءِ پنهنجا جسماني عضوا عطيو ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اداري ۾ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي.