اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالتي فيصلي، مريم نواز کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ??ن عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي سگهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، آر??ي چيف جي توسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معاملي تي ا??يل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.