اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي ه?? ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت ج?? اولين ترجيح آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ملاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ملاوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ملاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه ??هن?? اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شهرن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره ??ند??زي جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کن??، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو