اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظ?? جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ڪامياب سفارتڪاري ذريعي اڳيان وڌي رهيو آهي، اهو تاثر صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر پا??ان ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پرڏيهي وزارت جو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بجيٽ ۾ اضافو رڳو 11 سيڪڙو آهي، اسان غيرضروري ناڻي جا مطالبا نا??ن ڪيا، سفار??خا??ن جي ڪارڪردگي ۽ ڪميونٽي سروسز جي گذريل ٽن سالن ۾ بهتري آئي آهي، سفار??خا??ن ۾ نادرا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ج?? سهولتون اچي چڪيون آهن، آن لائين درخواستون به ڏئي سگهجن ٿيون