اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وا??ار واري و??ار?? جي سفارش تي ??ين?? حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تع??ون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا وا??ار واري و??ار?? جي سفارش تي ??ين?? حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تع??ون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد وزيراعظم جي تازي چين جي تازي دوري جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ وا??ار جو فروغ يقيني بڻائڻ آهي، مفاهمتي يادداشت تحت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي سمارٽ فونز جي تياري، نيو انرجي آٽو موبائيل، ٽيڪسٽائيل، زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي پراسيسنگ، دواسازي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعتن ۾ تع??ون کي فروغ ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري و??ار?? جي سفارش تي نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز اسلام آباد جي چارٽر تي قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري و??ار?? جي سفارش تي بحرين جي تع??ون سان پاڪستان ۾ قائم ٿيندڙ نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بابت ڪنگ حماد يونيورسٽي جي بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. بحرين جي تع??ون سان قائم ٿيندڙ ان يونيورسٽي ۾ دور جديد جي گهرجن جي عين موجب تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا کي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان جوڙيل بين الو??ار??ي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغان جنگ کانپوءِ دهشتگردي پاڪستان کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي ڪيترن ئي قسمن جا اندروني چئلينجز درپيش آهن. گم ٿيل ماڻهن تي ڪميشن گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نگران حڪومت ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي ٻيهر جوڙي وئي. رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پڻ تع??ون ڪيو. ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 22 جولاءِ 2024ع ۾ ٿيندڙ فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.