اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃي، عوام کي هر رخ کان مڪمل باخبر رکيو وڃي، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرونا وائرس جي ر??ڪٿام، ت??خيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي ر??اني کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم??، حڪومت پاران اقتصادي ??يڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ پهچ ، ايگريڪلچر جي شعبي جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.