اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين ??ي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جابراڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ و??ير??عظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀارتي و??ير??عظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ ??هو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ??ن پر ڪشميرين ??ي اڄ تائين اهو حق نه مليو.