اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي وزيراعظم عمران خان ۽ حڪوم?? جي ڪارڪردگي ت?? مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا مل?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هڪ قرارداد جي متفقطه طور تي منظوري ڏني وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان حڪوم?? جي سموري اتحادي پارٽين، موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان ت?? مڪمل اعتماد ڪريون ٿا ۽ ڳالهه کي ورجايون ٿا ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا مل?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، اسان متقفه طور تي وزيراعظم ۽ حڪوم?? جي ڪارڪردگي ت?? مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، اسان پارليامينٽ کي جمهوري قدرن موجب بدستور فعال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.