اسلام آباد – 07 فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، زندهه قومون معاشي مفادن تي اخلاقي روايتن کي ترجيح ڏين ٿيون، ايراني قوم مشڪل حالتن ۾ به نظرين تي ٺاهه نه ٿي ڪري، ايراني عو??تو?? زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ايراني سئنيما کان پاڪستاني قوم کي روشناس ڪرائينداس??ن، ايران ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون سان فلمون ٺاهيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اين سي اي ۾ ايراني فلم جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.